شجاع حبشي

شجاع حبشي: شجاع حبشي، محمد بن قاسم جي فوج جي هڪ جٿي جو سالار هو. ’فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، ’محمد بن قاسم جي فوج ۾ شجاع حبشيءَ نالي بهادر لڙائيءَ جي ميدان ۾ وڏا ڪارناما ڏيکاريا. راجا ڏاهر سان جنگ دوران شجاع حبشيءَ جو گهوڙو هاٿيءَ کان ٽهي رهيو هو. ان ڪري شجاع پنهنجو پٽڪو لاهي گهوڙي جون اکيون ٻڌي، راجا ڏاهر جي هاٿيءَ تي ڪاهيو هو ۽ هاٿيءَ جي سونڊ کي زخم رسايو. ان تي راجا ڏاهر ڪئنچيءَ جهڙو ٻه شاخو تير ڪمان ۾ رکي، ڏاهپ سان ڇڪي کيس هنيو، ته شجاع حبشيءَ جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي وڃي زمين تي ڪِريو ۽ سندس ڌڙ گهوڙي تي تڙپندو رهيو. اهو ڏسي راجا ڏاهر جي لشڪر ۾ وڌيڪ همت آئي ۽ عربن تي زورائتو حملو ڪيو ويو ۽ عرب لشڪر دهشت ۽ حيرت ۾ پئجي ويو. اهو لقاء ڏسي محمد بن قاسم اهڙو مدهوش ٿي ويو، جو ساقي نالي غلام کي چيائين: ’اطمعنيٰ الماء‘ [مون کي پاڻي کاراءِ] يعني محمد بن قاسم پاڻي پيارڻ بدران کارائڻ لاءِ چيو. (فتح نامه سنڌ عرف چچنامه ص 195-196)


لفظ شجاع حبشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو